سنڌي قرآن Sindhi Quran

سنڌي قرآن Sindhi Quran Free App

Rated 4.95/5 (92) —  Free Android application by Zawar Reza Hussain Alhussaini

Advertisements

About سنڌي قرآن Sindhi Quran

بسم الله الرجمن الرحيم

ڪجھ ڳالهيون هن ترجمي بابت

قرآن شريف، الله سائين جو آخري ڪتاب ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي رسالت جو زندھ ۽ جاويد معجزو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو نه آهي، هي آسماني ڪتاب هر قسم جي لفظي تحريف يا گهاٽي واڌي کان پاڪ آهي. پر ڇو جو هي خدائي ڪلام عربي ٻولي ۾ آهي، تنهنڪري غير عرب مسلمانن کي ان مان لاڀ پرائڻ ۽ فيضياب ٿيڻ لاءِ ترجمي جي ضرورت پيش آئي، البت هر مترجم پنهنجي علمي قابليت ۽ عربي ۽ پنهنجي ٻولي تي مهارت موجب ان جو ترجمو ڪيو آهي، تنهنڪري ڪنهن به ترجمي کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي. پاڪ پالڻهار مترجمين کي اجر عظيم عطا فرمائي. انهن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي.

هي موجودھ ترجمو قاري امان الله ڪربلائي جو آهي، جيڪو ان مولانا حافظ سيد فرمان علي جي اردو ترجمي مان سنڌي ۾ ڪيو آهي. هن ترجمي کي ڇاپي پڌري ڪرڻ جي سعادت پير محمد ابراهيم ٽرسٽ کي حاصل ٿي، 1975 ۾ هي ايڊيشن شايع ٿيو. هينئر انٽرنيٽ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اسان جي خواهش هئي ته ان کي وري ٽائيپ ڪرائي، آنلائن رکجي يا اڃا وڌيڪ ان جي ائنڊرائيڊ ايپليڪشن ٺاهجي ته جيئن هر ڪو مومن پنهنجي موبائل ۾ ان کان استفادو ڪري سگهي.
بهرحال مترجم پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر ظاهر آهي ته ڪنهن جي به ڳالھ قرآن جي ترجمي جي لحاظ کان حرف آخر نه آهي، مترجم کان علمي اختلاف رکڻ جو هر محقق کي حق آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي پر وري به ٿي سگهي ٿو ڪٿي غلطي ٿي وئي هجي، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي اصلاح ڪري سگهجي.
ياد رهي ته ان قرآن ۾ ضروري جاين تي وضاحت يا مختصر تفسير طور حاشيو به لڳايو ويو آهي، جيڪو هن اپليڪيشن ۾ شامل نه ڪري سگهيا آهيون، توفيق حاصل ٿي ته ڪنهن ٻي ورجن ۾ ان کي به شامل ڪبو. اصل ترجمي جي ٽائيپنگ ۽ ان کي اپليڪيشن ۾ آڻڻ لاءِ علمي صلاحڪار مولانا غلام قاسم تسنيمي جن آهن، جڏهن ته حاشئي جي ٽائيپنگ مولانا نظير احمد بهشتي ۽ ظفر علي تسنيمي ڪئي آهي.

جڏهن ته خصوصي تعاون سائين سيد اختر حسين شاھ نقوي جن فرمايو.
پاڪ پالڻهار قرآن جي سڀني خادمن کي اجر عظيم عطا فرمائي، سندن ڪاوشن کي قبول فرمائي ۽ سندن توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي.

هن اپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون
1. مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي نقطه نظر سان قرآن جو سليس، سولو ۽ روان سنڌي ترجمو
2. عربي ۽ سنڌي عبارت لاءِ الڳ رنگن جو استعمال جيئن پڙهڻ ۽ ۾ سولائي ٿئي.
3. عربي ۽ سنڌي لاءِ بهترين ۽ دلڪش فونٽ
4. اکرن کي ننڍو وڏو ڪرڻ جي سهولت
5. ڏينهن ۽ رات لاءِ ٻه مختلف دلڪش انداز.
6. قرآن ۽ سنڌي ترجمي جي سموري مواد مان مطلوبه لفظ جي ڳولا جي بهترين سهولت
7. تلاوت ٻڌڻ لاءِ عبدالباسط جي آواز ۾ ڊانلوڊنگ جي سهولت
8. قرآن شريف کي مڪمل طور پڙهڻ ۽ ختمي ڪڍڻ لاءِ بڪ مارڪ سسٽم جي سهولت
9. آيتن کي پسند ڪري، پنهنجي پسنديده آيتن کي هڪ جڳھ گڏ ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ جي سهولت
10. قرآن جي تلاوت لاءِ سورتن ۽ سپارن جي انتخاب جي سهولت

دعاڳو ۽ محتاج دعا
المجتبى ملٽي ميڊيا ٽيم

سنڌي قرآن
سندھی قرآن
Sindhi Quranq

How to Download / Install

Download and install سنڌي قرآن Sindhi Quran version 1.2 on your Android device!
Downloaded 1,000+ times, content rating: Everyone
Android package: pk.vsum.vadaquranapp, download سنڌي قرآن Sindhi Quran.apk

All Application Badges

Free
downl.
Android
3.0+
For everyone
Android app

App History & Updates

What's Changed
خدا جو پيغام پنهنجي مخلوق جي نام...

What are users saying about سنڌي قرآن Sindhi Quran

S70%
by S####:

سائين مولا توهانجي هِن بهترين ڪاوش کي پنهنجي بارگاه ۾ قبول فرمائي ۽ اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ،سمجهڻ ۽ انتي عمل ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي۔

Y70%
by Y####:

Mashallah, Mola apki tofiqat e Khair main izafa farmae aameen JazakAllah Iltmas e dua Zawar Shoukat Ali Memon

K70%
by K####:

ماشاءَاللٌہ بھترين ڪاوش مولا دوستن، بزرگن جي ڪاوش پنھنجي بارگاھ ۾ قبول ۽ مقبول فرمائي. آمين

Y70%
by Y####:

Mashallah salamat rhe Nice App Allah Apko ajar dega very very nice app

P70%
by P####:

Zindabad Daday Saen g mehnat khe oojagar rakhanr lae nehayat shukur mand ahyan developer bha tamaam sutho aein karaito kam kayo ahe haq g raah m awha.

Y70%
by Y####:

تمام بھترين ڪم ڪيو آهي سڀني دوستن، ﷲ محنت قبول ڪري. آمين

Y70%
by Y####:

Good work team Al mujtaba Allah ap sub ko salamat rakhe

T70%
by T####:

بی مثال خدمت ء شاندار کاوش۔ بھترین ایپ تی اوھان کی جس ھجی ۔مولا اوھان جی توفیقات خیر م اضافو فرمائی۔

Y70%
by Y####:

ماشاء اللہ بهترين ڪاوش آھي مولا اڃان وڌيڪ ھمتون عطافرمائي

Y70%
by Y####:

جس هجي توهان جي سموري ٽيم کي.. اللہ ڪريم توهان کي وڌيڪ ديني خدمتون انجام ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي ..

I70%
by I####:

دؤرِ حاضر جي لحاظ کان تمام بھترين ڪاوش، جزاڪ اللہ.

Y70%
by Y####:

ماشاءالله سلامت باشید. . ????ألـلَّـھُــــــمَــ ؏َـجــــــــــِّـلْ لِوَلــــــیِـڪْ ألــــــــــْـفـــــَـرَج!????

Y70%
by Y####:

اللہ سائین توھان جی توفیقات خیر مین اضافو فرمائی

Y70%
by Y####:

مولا پاڪ اوهان کي اجر عظيم عطا فرمائي

K70%
by K####:

Great App peoples must read our holy quran in sindhi

N70%
by N####:

تمام وڏي ڪوشش ملت جي لاء,, مولا توهان کي اجري عظيم عطاء ڪري

Y70%
by Y####:

Mashallah mula abad kare ye app bnane wale ko

Y70%
by Y####:

ماشاء اللہ مولا اوھانجي ڪوشش کي قبول ڪري ۽ اوھانجي توفيقات خير ۾ اضافو ڪري

Y70%
by Y####:

Behtreen koshish moula un jo ajar Rehan the dendo

Y70%
by Y####:

ماشاء اللہ اللہ تبارک وتعالی آپ کی توفیقات میں اضافہ فرمائے آمین

Y70%
by Y####:

الله توهان جي نيڪين۾ اضافو ڪري

L70%
by L####:

Tamam sutho behtreen Ma Sha Allah

Y70%
by Y####:

الله سائين توهان تي هميشه ٻاجھ ڪري

Y70%
by Y####:

Behtreen sir mobile number khape tawhanjo

T70%
by T####:

Masha Allah Mola a.s Salamt Rakhy

Y70%
by Y####:

تمام بھترين مولا سلامت رکي

Y70%
by Y####:

سدأين پنجتن جي ڇانو ۾ ھجو

Y70%
by Y####:

جزاک ﷲ قبلا، سلامت هجو

X70%
by X####:

Tamam behtreen koshish aa

Y70%
by Y####:

ماشاﷲ مولا سلامت رکي

Y70%
by Y####:

Great work done... Hats off to you...

R70%
by R####:

mashallah. khuda qabool kre...

Y70%
by Y####:

Thinks very nice apps

Y70%
by Y####:

JAZAKA ALLAH

I70%
by I####:

MashaAllah very Brilliant work keep it up....

Y70%
by Y####:

جراک ا...

V70%
by V####:

Jazakallah

Y70%
by Y####:

Nice app

Y70%
by Y####:

Subhanallah

Y70%
by Y####:

KHUDA phnji bargah me ajr e azeem ata kre. Ehre kam lae insan chondia wenda ahen, azmatun khe salam


Share The Word!


Rating Distribution

RATING
5.05
92 users

5

4

3

2

1